64:18
|
40:01
|
60:29
|
47:01
|
59:04
|
53:17
|
59:53
|
39:21
|
54:40
|
51:26
|
67:45
|
48:05
|
61:38
|
68:59
|
60:36
|
72:20
|
60:00
|
51:22
|
72:26
|
9:19
|
52:56
|
58:48
|
62:00
|
22:44
|
37:18
|
31:48
|
[9] Deen Ka Hussaini Tasawar - Kia Syeda hum ko dua dengi? Engr Syed Hussain Moosavi [Ashra Majalis Aza 1442Hijri At Dok
ڇا بيبي اسان کي دعا ڏيندي؟
سيد حسين موسوي.
علامه مجلسي جو ڪتاب بحارالانوار وٺو، پڙهو ۽ پنهنجي گهر ۾ رکو ته...
ڇا بيبي اسان کي دعا ڏيندي؟
سيد حسين موسوي.
علامه مجلسي جو ڪتاب بحارالانوار وٺو، پڙهو ۽ پنهنجي گهر ۾ رکو ته اوهانکي خبر پوي ته اصل ڪربلا ڇا آهي ۽ ٺاهيل ڪربلا ڇا آهي؟ افسوس آهي ته خطيب نالا رڳي صحيح ٿا وٺن باقي ٺاهيل ڪربلا ٿا پڙهن. منبر تان ڪوڙ بيان ڪيو وڃي ٿو. منبر تان بيان ڪيل ڪربلا اها ڪربلا آهي ئي نه جيڪا امام حسين ع جي هئي هي رڳي خطيبن جي ڪربلا آهي.
امام حسين ع ۽ ڪربلا سان ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ظلم ٿيندو جو ڪوڙ امام حسين ع سان منسوب ڪيو وڃي. حضرت امام حسين، بيبي زينب س ۽ بيبي سڪينه س سان ڪوڙو قول منسوب ڪيو پيو وڃي. افسوس آهي ته خطيب ذميواري سان نه پر جيڪو ذهن ۾ اچيس ٿو اهو بيان ڪندو ٿو وڃي.
هاڻي ڪربلا اها ڪربلا ئي نه رهي آهي جيڪا 6 مهينين جي ٻار کي مجاهد بڻائي ٿي. اسان 4 ڪروڙ هوندي حيثيت، طاقت ۽ عزت اها رهي آهي ته ٻين جي دروازن تان گهر ڪيون ٿا ته اسان کي بچايو جيڪڏهن 4 ڪروڙ 6 مهينن جهڙي ٻار جهڙو مجاهداڻو رويو هجي ها ته اسان طاقتور هجون ها.
انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي ته ٺاهيل ڪربلا ۾ امام حسين تي ٻين جي طرفان به پر پنهنجن جي طرفان ظلم پيو ٿئي. علامه مجلسي محدث ۽ مورخ آهي ان بحارالانوار ڪتاب لکيو آهي ان کي پرهو ته خبر پوي ته اصل ڪربلا ڇا آهي؟
21 صدي آهي نوجوانن وٽ موبائل ۾ ايتري ته لائبريري اچي سگهي ٿي جيڪا ڪالهه علامه مجلسي کي به ميسر نه هئي. نوجوان وقت کي ڪتابن جي مطالعي ۾ گذاريو. ڪربلا پڙهو. علماءَ ۽ بزرگان جا ڪتاب پڙهو.
دين جي نظام جا ٻه بنياد آهن هڪ قانون الله جي طرفان. الله قانون ٺاهيو آهي ته ان جو ئي قانون هلندو. الله مالڪ آهي زمين تي مالڪ جو ئي حڪم هلندو. دين به الله جو آهي ته شريعت به الله جي آهي . قانون ان جو هلڻو آهي. اسان جي اختيار ۾ اهو آهي ته قبول ڪيون يا نه ڪيون. دين ۾ جبر نه آهي. دين جي نظام جو ٻيو بنياد اهو آهي ته دين کي هلائن وارو به الله جي طرفان هوندو. هي ٻه نقاطي پروگرام آهي انسان قبول ڪري ته هي دنيا جنت بڻجي سگهي ٿي.
آزاد انسان بڻجو، حر بنجو. حر آزادي سان قبول ڪري ٿو ته دين به الله وارو ۽ دين کي هلائڻ وارو به الله پاڪ جي طرفان. اهي ٻئي اصول قبول ڪنداسين ته مسلمان نه ته انسان آزاد آهن. حضرت آدم، حضرت نوح ع، حضرت ابراهيم ع، حضرت موسى، حضرت موسى ع کان حضرت محمد صه تائين دين به الله جو ته هلائڻ وارو به الله جي طرفان مقرر ٿيل هوندو.
نبي سڳوري کانپوءِ مسلمان امت ۾ اختلاف ته ٻئي اصول هلندا يا نه. هڪڙي گروپ چيو ته دين به الله جي طرفان ۽ هلائڻ وارو امام به الله جي طرفان مقرر ٿيل هوندو. ٻئي گروپ چيو ته دين الله جي طرفان ۽ هلائڻ وارو اسان جي مرضي يعني انتخاب سان هوندو. ليڪن يزيد ڇا آهي؟ يزيد بادشاهه آهي. بادشاهه پاڻ قانون ٺاهيندو ۽ پاڻ قانون هلائيندو آهي. يزيد کي نه شيعه ۽ نه ئي سني صحيح ٿا سمجهن. ٻنهي وٽ يزيد فاسق آهي. اهلسنت وٽ ته قانون الله جي طرفان آهي پر هلائڻ وارو انتخاب سان آهي. يزيد ته ٻئي اصول ختم ڪري ڇڏيا. يزيد نه سني نقطه نظر ۽ نه وري شيعه نقطه نظر سان صحيح آهي. دين ۾ بادشاهت ڪونهي . خلافت جو نظام آهي يا امامت جو نظام آهي. يزيد ته نه امام نه خليفو آهي پر اهو ته بادشاهه آهي. يزيد کي صحيح چوڻ وارا نه سني آهن ۽ نه ئي شيعه آهن. بادشاهتن کي بچائڻ واري پروگرام تحت يزيد کي صحيح قرار ڏنو پيو وڃي. يزيد جو دين بادشاهي وارو دين آهي. نبي سڳوري جي وفات کانپوءِ 50 سالن امت کي ڇا ٿي ويو جو يزيد جهڙي جي پيروي ۾ لڳي ويا. ڪيترن اصحابن امام حسين کي رسول اڪرم جي پٺي تي يا کيس سندن جهولي ۾ ڏٺو هو. امام حسين بابت رسول سڳوري جا فرمان ته حسن ۽ حسين جنت جي جوانن جا سردار آهن. حسين مون منجهان آهي ۽ مان حسين منجهان آهي وساريا ويا. امت کي ڇا ٿيو؟ امت جي سامهون ڪوڙيون حديثون ٺاهيون ويون. اهلبيت جي دشمني ۾ امت کي اهلبيت کان پري ڪيو ويو. جيڪو حڪمرن اچي ته ان جي خلاف قيام نٿا ڪري سگهو جي ڪندو ته شريعت مان خارج جهڙيون ڳالهيون ٺاهيون ويون . نوجوان نسل اهلبيت جي دشمني ۾ پلجي وڏو ٿيو. اصل دين اهلبيت ع وٽ آهي انهن سان دشمني ڪئي وئي. بي دين وٽ امت ويندي ته ان کي اتان جو ٺهيل دين ملندو. هر زماني ۾ دين تي نالي تي ڪوڙ ٺهيا آهن. اڄ به ٺهن پيا اهي نبي جي دور ۾ به ٺهيا هئا ۽ اڄ به حڪومتن جي زور تي . ان جو مطلب اهو آهي ته جيستائين حڪومت يا حاڪم اهل نٿو اچي تيستائين عوام جو دين صحيح ڪو نه ٿيندو. امت جي صحيح دين جو تعلق صحيح حڪمرن سان آهي. امت اهلبيت جي دشمني تي هيٺ لهي آئي. امت غلطي اها ڪئي ته اقتدار جي مستند الله جي نمائندي کان کسي يزيد جهڙي حڪمران وٽ اچي وئي. بي دين حڪمران جي ڪري امت دشمن اهلبيت بڻجي وئي.
اسان جمع ته ٿيون ٿا امام حسين جي محبت م پر حسين کي سڃاڻون ڪو نه ٿا. اسان وٽ محبت ضرور آهي پر سڃاڻون ڪو نه ٿا. اسان 4 ڪروڙ هوندي زندگي جي خيرات ٻين کان گهرون ٿا. جنهن وٽ حسين هجي اهو زندگي جي خيرات گهري؟ مطلب ته اسان نه دين کي سمجهيو ۽ نه ئي حسين کي سمجهيو آهي. امام حسين ع جي تمنا زندگي نه پر شهادت هئي. امام حسين ع فرمايو “ ذلت جي زندگي کان عزت جو موت بهتر آهي”. حسيني جي تمنا زندگي نه پر شهادت هوندي آهي. هي ذلت جي زندگي آهي يا عزت جي؟ اسان اڃا تائين مجاهد ۽ حسيني نه بڻيا آهيون. حسيني بڻجن جي نشاني اها آهي ته حسيني ذلت جي زندگي قبول ناهي ڪندو. ميدان ۾ ايندو آهي عزت جو موت قبول ڪندو آهي. زندگي جون اپيلون ڪرڻ وارئو امام حسين کان سکو. امام حسين کان سکڻ جي ضرورت آهي.
اهلبيت کي گهڻو يا ڏاڍيان روئڻ ڪو نه ٿو کپي. اهلبيت وٽ ڪيترو قبول آهي؟ جڏهن مومن روئي ۽ مڇر جي پر جيترو ڳوڙهو وهي اهو قبول آهي.
گهڻو روئڻ جي پويان نه لڳو. گهڻو روئڻ جي پويان لڳندو ته ڪوڙا مصائب ٺاهيا ويندا اوهان کي روئارڻ لاءِ. اوهان ته راضي ٿي ويندو پر حسين ناراض ٿي ويندو.
محرم امام حسين، حضرت عباس کي سمجهڻ لاءِ آهي ته ان سان گڏوگڏ يزيد ۽ شمر کي به سمجهڻ لاءِ آهي. هاڻي شمر ناهي يزيد ناهي ته ان جو نالو به نه کڻو پر اهي اڄ به موجود آهن. اڄ به يزيد، شمر ۽ ابن سعد موجود آهن انهن کي سڃاڻو. صرف حسين کي نه پر يزيد کي به سڃاڻو، عمر ابن سعد کي به سڃاڻو.
يزيد ڪير آهي؟ جيڪو پنهنجي حڪومت کي بچائڻ لاءِ دين کي استعمال ڪري، بيگناهه قتل ڪرائي، خواتين جا پردا لٽي. اسان پراڻي يزيد تي ته لعنت ٿا وجهون پر اڄ جي يزيد خلاف ڇو نٿا اٿون؟ ڪربلا ماضي ناهي پر ڪربلا حال آهي. هر روز عاشور جو آهي هر زمين ڪربلا جي آهي.
اسان کي صرف روئڻو آهي؟ اها ڪربلا امام حسين ۽ اهلبيت جي ڪربلا ناهي. اسان ڪڏهن بيدار ٿينداسين. ڪيستائن جاهلن ئي منبر تي ويهاريو ويندو؟ مطالعو ڪيو، علم وڌايو. جيڪو خطيب اچي ٿو ان کان 10 منٽ سوال ڪيو ته ڪٿان ٿو ڳالهائي ڇا ٿو ڳالهائي، پڇون ته ڪٿان ٿو پڙهي؟ گهڻو روئڻ جي پويان لڳندو ته ڪوڙ ۾ ڦاسندو. ڪجهه سال اڳ ۾ امام حسين جو نالو ورتو ويندو هو ته اسان روئڻ ۾ پئجي ويندا هئاسين پر اڄلڪهه جيستائين سخت ترين مصائب نٿو پڙهيو وڃي روئڻ نٿو اچي. ڇو اسان جو دليون سخت ٿي ويون آهن؟ سخت مصائب اسان جي دلين کي سخت ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي دل عزادار دل ئي ناهي. عزادار دل اها هوندي آهي جيڪا حسين، زينب، ڪربلا ۽ شام ٻڌنڌي آهي ته روئندي آهي. اسان عزادار دليون وڃائي ويٺا آهيون سخت ۽ ٺاهيل مصائب ٻڌي. اهو آخر ڪسيتائين ٿيندو؟ 50مجلسون نه پر رڳي ٿوريون مجلسون ڪيو جيڪي اصل ڪربلا ٻڌائين. اصل ڪربلا جو تعارف ۽ امام زمانه جو تعارف ڪرائين. اهڙيون مجلسون جيڪي اسان کي حسيني بڻائين.
اهو معيار ناهي ته منهنجو استاد هيئن پڙهندو هو. اهو ڪوڙ هڻندو هجي ته تون به ڪوڙ هڻندين؟
اسان روئڻ ۾ پورا آهيون. اسان روئون ته ٿا پر مجاهد نٿا بڻجون. اڄ به وقت جو حسين اسان جي انتظار ۾ا آهي ته اسان ڪڏهن ٿا مجاهد بڻجون. جيڪا ڪربلا سمهاري اها حسين واري ڪربلا ناهي جيڪا ڪربلا اٿاري اها حسين واري آهي. جڏهن مجلس پوري ٿيئي ته اهو نه پڇو ڪيترو رنا آهيو؟ هڪٻئي کان پڇو مجاهد بڻجڻ جو ڪيترو ارادو ڪيو اٿو. ڪيترو امام زمانه جو مجاهد بڻجٻ جو پروگرام ٺاهيو اٿئي. ڪربلا امام حسين جا مجاهد تيار ڪندي آهي.
منبر تي ويهي خطيب ڪوڙ پڙهي ڇا ان مجلس ۾ امام ايندو ڇا ان ۾ سانئڻ زهرا س ايندي اسان جو ڪوڙ ٻڌڻ. ڇا بيبي اسان کي دعا ڏيندي؟ اسان مجرم آهيون. اسان ڪربلا ۽ امام حسين جا مجرم آهيون. اسان مومنن جي صحيح رهنمائي نه ڪئي مومن روئڻ وارو ته بڻيو پر امام حسين جو سپاهي نه بڻيو.
صفين ۾ حق جو معيار ڪير هو؟ رسول اڪرم ص چيو هو ته عمار تو کي باغي گروهه قتل ڪندو؟ سڀ عمار کي پيا گهورين عمار کي بنياد بڻايو ويو پر بنياد ته امام علي هجڻ گهرجي ها. اوهان اڄ جي عمار کي نه سڃاڻي سگهيو ته حق کي نه سڃاڻي سگهندو. اڄ جو عمار امام خميني ۽ سيد علي خامنه اي آهي.
( سيد حسين موسوي جي 9 محرم الحرام تي ڏوڪري جي مرڪزي مجلس مان چونڊ)
More...
Description: